عبدالباقي صديقي بکري

عبدالباقي صديقي بکري: ميان عبدالباقي صديقي پنهنجي والد ميرڪ بايزيد ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون سان گڏ قنڌار مان سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ سڪونت پذير ٿيو. سکر کان حج لاءِ ويو، جتي شيخ نظام الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. شيخ نظام الدين پنهنجي نياڻيءَ کي نبي ڪريم صه جن جو وار مبارڪ تحفي ۾ ڏنو. اهو وار امه المومنين حضرت مسلمه رضه وٽ هو، جو پوءِ ڪنهن نموني استنبول پهتو هو. جتان شيخ نظام الدين پاڻ سان آندو هو. ميان عبدالباقي 952هه/1545ع ۾ اهو وار سکر آندو، گهڻي عرصي تائين مخفي رکيائين. سيد حيدر حقاني ۽ مخدوم عبدالملڪ کي وار مبارڪ جي خبر پئي ته اُهي زيارت لاءِ ويا، جنهن بعد وار مبارڪ جي زيارت عام ٿيڻ لڳي. صديقي بکري'>عبدالباقي صديقي بکري مغل بادشاهه جهانگير جي دور حڪومت ۽ بکر جي حاڪم، قاضي خان جي عهد ۾ 3 رمضان 1019هه/ 19 نومبر 1610 تي وفات ڪئي. سندس وفات تي قطعه تاريخ شاهه محمد نالي هڪ شاعر چئي. جنهن جون پهريون ۽ آخري ٻه ٻه سٽون ڪتبي جي صورت ۾ روضي جي مهاڙي وٽ لڳل آهن، جنهن مان 1019هه تاريخ ملي ٿي.


لفظ عبدالباقي صديقي بکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو